سرمست 15

سرمست 15

سرمست 15

سرمست 15: سرمست جي پندرهين ڪتابي سلسلي جو مرتب محمد علي حداد آهي. ٽائيٽل ڊزائين فتاح منگي ۽ بئڪ ٽائيٽل ڪيليگرافي قيوم منگيءَ جي آهي. سرمست جي هن شماري ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن:
(1) سچل، شاعر ۽ شخص (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) سچل سرمست جو سـاقي نامو (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (3) سچل جي شاعريءَ ۾ مذهبي عـلامـتـون (ڊاڪٽر غلام نبي سـڌايـو)، (4) انساني عظمت ۽ سچل سرمست (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (5) سچل جي حب الوطني (دادا سنڌي)، (6) عشق گهمايم گهٽيان (نصرت حسين ابڙو)، (7) سچل سرمست جون ڪافيون (زيب نظاماڻي)، (8) نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ سچل جو ذڪر (محمد پنهل ڏهر)، (9) سچل جي شاعريءَ جو نانڪ يوسف جي شاعريءَ تي اثر (امام راشدي)، (10) غلام حيدر فقير ۽ سندس خاندان (خادم عباسي) ۽ (11) سچل سرمست تي ببليو گرافي (محمد علي حداد).
ڊيمي سائيز جي 119 صفحن تي مشتمل هي شمارو 1995ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو